26

لاهور ۾ گهريلو حالتن ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي پيءُ معصوم پٽ کي قتل ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو

لاهور: لاهور جي علائقي نولکها ۾ گهريلو حالتن ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي پيءُ معصوم پٽ کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو. ٻنهي جا لاش هڪ هوٽل جي ڪمري مان مليا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب 2 ڏينهن اڳ دانش نالي شخص پنهنجي پٽ ايان سان گڏ لاهور جي علائقي نولکها ۾ هڪ هوٽل جو ڪمرو بڪ ڪرايو هو جتي هو پنهنجي پٽ سان گڏ رهي رهيو هو. اڄ صبح جڏهن ڪافي دير تائين هو ڪمري کان ٻاهر نه آيو ته هوٽل انتظاميه پوليس سان رابطو ڪيو.

پوليس موجب جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿياسين ته ٻارڙو مئل حالت ۾ مليو جڏهن ته سندس پيءُ دانش جي لاش پکي ۾ ٽنگيل هئي. پوليس فرانزڪ ٽيمن سان گڏ شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته دانش ڪافي ڏينهن کان بيروزگار هو، هن گهريلو حالتن، بيروزگاري ۽ بک کان تنگ اچي اهڙو قدم کنيو. دانش مزدوري ڪري گهر جو گذاروڪندو هو جنهن کي ڪافي ڏينهن کان مزدوري نه ملي هئي جنهن کان پوءِ هن اهڙو انتهائي قدم کنيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں