76

آر ايل اين جي اگهن ۾ اضافي خلاف سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون بند

ڪراچي (رپورٽر) آر ايل اين جي اگھن ۾ واڌ خلاف سنڌ ۾ اڄ سي اين جي اسٽيشنز  بند ڪري احتجاج ڪيو پيو وڃي، آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين شعيب خان چيو آھي تھ 72 سيڪڙو کان وڌيڪ گيس ڏيندڙ سنڌ صوبي ۾ 300 روپيا في ڪلو سي اين ڏيڻ زيادتي آھي، اڄ سي اين جي اسٽيشنز احتجاجن بند آھن، حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو ته پوري ملڪ ۾ سي اين جي اسٽيشنز بند ڪنداسين،اڄ پريس ڪانفرنس ڪنداسين ۽ اڳتي جي حڪمت عملي جو اعلان ڪنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں