132

ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، مقابلي لاءِ حڪومت هٿيار خريد ڪندي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار آهن، مقابلي لاءِ حڪومت وڌيڪ هٿيار خريد ڪندي.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينئر صوبائي وزير چيو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلا ٿي رهيا آهن انهن وٽ جديد هٿيار آهن، ڌاڙيلن سان وڙهڻ لاءِ سنڌ حڪومت هٿيار خريد ڪندي. سنڌ حڪومت جديد هٿيارن جي لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکيو آهي، پوليس کي جديد هٿيار جلد پهچايا ويندا.

هن چيو ته پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور تي ڪچي ۾ آپريشن ڪري رهي آهي. هن وقت به جتي ضرورت پئجي رهي آهي اتي رينجرز موجود آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري منشيات جي خلاف هدايتون ڏنيون آهن. حڪومت معاشري کي منشيات جي ناسور کان ڇوٽڪارو ڏياريندي. تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات فراهم ڪئي پئي وڃي. حڪومت هٿ تي هٿ رکي نٿي ويهي سگهي. منشيات جي خلاف سنجيدگي سان ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، ڪيترن ئي ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪرسٽل ۽ آئس استعمال ڪندڙ معاشري جي لاءِ خودڪش بمبار آهن. ايڪسائيز ۽ نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول ڪارروايون ڪري رهيا آهن. منشيات جي خاتمي لاءِ پوليس به پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. گٽڪا مافيا ۽ ٻين منشيات فروشن خلاف به ڪارروايون ڪيون پيون وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته تعليمي ادارن ۾ ٻارن کي منشيات جو عادي بنايو پيو وڃي جنهن جي لاءِ اسڪولن ۾ ٻارن جي رينڊم ٽيسٽ ڪري رهيا آهيون، جتي ضرورت پئجي رهي آهي مدد جي لاءِ رينجرز موجود آهي.

صوبائي وزير چيو ته ٽيسٽ سان حڪومت کي منشيات فروشن تائين پهچ ۾ آساني ٿيندي. ايڪسائيز ۽ اي اين ايف منشيات جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. صحت کاتي جي تعاون سان مختلف جڳهين تي ڪئمپ قائم ڪيا پيا وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں