98

موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ گرمي پد 42 ڊگري تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.چيف ميٽرو لاجسٽ سردار سرفراز چيو ته اڄ شهر ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گرمي پد 40 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.چيف ميٽرو لاجسٽ موجب اتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون هلڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شام ۾ سامونڊي هوائن جي بحالي سان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ شهر ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي پر ڪراچي ۾ 25 مئي کانپوءِ گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں