122

قابل ماڻهو ۽ نيڪ نيتي هجي ته ڪرپشن ۽ پاڻي مسئلو حل ٿي ويندو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پاڻي جي ورڇ ۽ رٿابندي جا تفصيل طلب ڪري ورتا، عدالت ريمارڪس ڏنا تھ قابل ماڻهو هجن، نيڪ نيتي هجي ۽ ڪرپشن ختم ٿئي ته پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ پاڻي نه ملڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف انجنيئر واٽر بورڊ کي ڇنڊ ڪڍندي عدالت چيو ته ڇا مهانڊا ڏسي فيصلا ڪندا آهيو ته ڪنهن کي پاڻي ڏيڻو آهي ۽ ڪنهن کي نه، چيف انجنيئر واٽر بورڊ چيو ته سڄي شهر کي پاڻي ڏيڻ لاءِ رڳو پپري تي پمپنگ اسٽيشن قائم ٿيل آهي، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڊي ايڇ اي کانسواءِ ٻين علائقن کي پاڻي ملندو آهي يا نه.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں