84

قومي عوامي تحريڪ طرفان پاڻي کوٽ خلاف 21 مئي تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان

حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف 21 مئي تي سڄي سنڌ ۾ مظاھرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کانپوءِ صورتحال ڳنڀير بڻجي وئي آهي.اياز لطيف پليجو چيو ته زرعي پاڻي پري جي ڳالهه، شهرين کي پيئڻ جو پاڻي به فراهم نه پيو ٿئي، جانور اڃ وگهي مري رهيا آهن جڏهن ته زرعي پاڻي نه هئڻ سبب فصل تباهه ٿي رهيا آهن.هن چيو ته سنڌ سان پاڻي معاملي تي مسلسل ناانصافي ٿي رهي آهي، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ پارليامينٽ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري، قومي عوامي تحريڪ موجب 21 مئي تي سنڌ جي ھر ضلعي، تعلقي توڙي مک شهرن ۾ مظاھرا ڪيا ويندا، 20 مئي تي قومي عوامي تحريڪ جو وفد مختلف آبادگارن سان ملندو ته جيئن 21 مئي تي احتجاج ۾ وڌ کان وڌ ماڻهو شريڪ ٿي سگهن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں