87

سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کي عهدي تان هٽائي نئون آءِ جي ڪامران فضل کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه شهر قائد ۾ دهشتگردي جي تازن واقعن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ آءِ جي سنڌ جي بدلي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ مشتاق مهر کي 2020ع ۾ آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي.واضح رهي ته ڪراچي ۾ هڪ مهيني دوران ٽن ڌماڪن کانپوءِ آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں