91

ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جو آپريشن، صدر ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر) ماڙي پور ۾ سي ٽي ڊي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ڪارروائي دوران صدر ڌماڪي جي ماسٽر مائينڊ سميت 2 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٻه فرار ٿي ويا.ڪراچي جي علائقي ماڙي پور ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري سي ٽي ڊي سان گڏجي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن 2 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.سي ٽي ڊي انچارج مظهر مشواڻي جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 دهشتگرد سخت زخمي ٿي پيا، جيڪي اسپتالن نيندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا، ٻنهي دهشتگردن جا لاش سول اسپتال پهچايا ويا. هن چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ الله ڏنو ۽ نواب جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي جو تعلق عليحدگي پسند تنظيم سنڌ ريووليشن آرمي سان آهي.هن چيو ته جوابدارن جي قبضي مان بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊينامائيٽ اسٽڪ، ٻه ٽي ٽي پستول، ڊيٽونيٽر ۽ ريموٽ ڪنٽرول شامل آهن، جڏهن ته ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو، جنهن کي بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں