59

حڪومت طرفان آئيني ترميم ايس سي او ڪانفرنس کان پوءِ پيش ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد: حڪومت طرفان آئيني ترميم شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس کان پوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اجلاس کان پوءِ آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ آندي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس هاڻ ايس سي او اجلاس کان فوري بعد گهرايا ويندا.

ذريعن ٻڌايو آهي ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته سياسي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ آئيني ترميم آندي وڃي. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ باقاعده بحث ۽ اتفاق راءِ کان پوءِ آئيني ترميم تي ووٽنگ ٿيندي.

ٻئي طرف گذريل ڏينهن ايوان صدر ۾ وڏن جي وڏي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته تنظيم کان سواءِ اڪيلي فيصلو نٿو ڪري سگهان. گڏيل آئيني ترميم لاءِ جي يو آءِ 80 سيڪڙو مسودو تيار ڪري ورتو آهي  جيڪو جلد ڳالهين واري ٽيم جي حوالي ڪنداسين. آصف زرداري ۽ نوازشريف به مولانا فضل الرحمان کي گڏ  کڻي هلڻ جو يقين ڏياريو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں