87

گنڊاپور پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ وڪيٽن جي ٻنهي پاسي کيڏي عمران خان کي ڦاسائي رهيو آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد:مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته سيني تي گولي کائڻ جي دعويٰ ڪندڙ پٺي ڏيکاري ڀڄندي نظر آيا.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي طلال چوڌري چيو ته اهو تاثر ملي رهيو هو ته هي پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪري وٺي ويندا پر رياست هنن جي سمورين ڪوششن کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

هن چيو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته انهي کي ڪي خاص طاقتون کڻي وينديون ۽ اتي پي ٽي آءِ باني جي آزادي لاءِ معاملا سيل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهيون ٿينديون آهن پر اهڙي ڪابه  ڳالهه نه آهي پر هو اهڙي طرح سان پي ٽي آءِ باني کي وڌيڪ پريشانين ۾ ڦاسائي رهيو آهي.

طلال چوڌري چيو ته علي امين پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ جي لاءِ وڪيٽن جي ٻنهي پاسي کيڏي رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي سياسي بليڪ ميلنگ تي آخري وار آئيني ترميم آڻي لڳائينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں