39

جي يو آءِ آئيني ترميم بابت حڪومتي مسودو رد ڪري ڇڏيو آهي: ڪامران مرتضيٰ

اسلام آباد: جي يو آءِ(ف) جي سينئر اڳواڻ ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته اسان جي پارٽي آئيني ترميم بابت حڪومتي مسودو رد ڪري ڇڏيو آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي مرتضيٰ چيو چيو آهي ته ڪنهن به شخص کي آئوٽ ڪرڻ يا ان ڪرڻ بابت ترميم آڻڻ  غير مناسب آهي جيڪڏهن پي ٽي ايم جو ملڪ کان ڌار ٿيڻ جو ايجنڊا نه آهي ته مان انهي کان معافي طلب ڪريان ٿو.

هن چيو ته هن وقت اهو نٿو چئي سگهجي ته اسان آئيني ترميم جي ويجهو آهيون يا پري، هڪ ٻن ڏينهن ۾ مولانا پنهنجو مسودو دوستن سان شيئر ڪري ڇڏيندو.

هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ حڪومتي مسودو رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بدلي بابت شق کي به رد ڪيو ويو آهي. ڪامران مرتضيٰ آئيني عدالتي جي فيصلي سپريم ڪورٽ تي بائنڊنگ ٿيڻ، ججز جي مقرري ۽ آرٽيڪل 184.3 جي اختيار بابت آئيني ترميم بابت تفصيل به ٻڌايا.

هڪ سوال جي جواب ۾ ڪامران مرتضيٰ چيو ته پاڪستان ۾ ٻئي طرف ويهي جيڪو به سياست ڪندو آهي انهي کي ڀارت سان ملايو ويندو آهي، اهڙي شخص تي غدار جو ليبل يا پوءِ ٻاهر کان فنڊنگ وٺڻ جو الزام لڳائڻ سراسر ناجائز آهي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون، پابنديون لڳائڻ مسئلي جو حل نه آهي. اسان کي ماڻهن کي گلي لڳائڻو پوندو آحي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں