49

سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 2 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري جو امڪان

اسلام آباد: سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ 2 ارب ڊالر سرمائيڪاري جي معاهدي جو امڪان آهي. انهي سلسلي ۾ سعودي عرب سان سرمائيڪاري جي معاهدن لاءِ فريم ورڪ به تيار ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب سعودي عرب طرفان 2027 تائين 5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي گڏيل سرمائيڪاري ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ سرمائيڪاري جي لاءِ تقريبن 30 معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.

گڏيل طور تي حڪومتي ۽ نجي شعبي مان تقريبن 40 ڪمپنين جو وفد سرمائيڪاري جي لاءِ پاڪستان پهچندو. سعودي عرب سان زراعت،انفارميشن ٽيڪنالاجي، ڪنسٽرڪشن مٽيريل جي معاهدي تي صحيحون ٿينديون. سعودي وفد پيٽروليم جي شعبي ۽ پاور سيڪٽر جي معاهدن تي به صحيحون ڪندو.

جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي، ميٽ ايڪسپورٽ، پاڪستاني رائس ايڪسپورٽ جي لاءِ به معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. مائننگ، آئل ريفائنري، ريلوي جي لاءِ به طئي ٿيل معاهدن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. پهرين مرحلي ۾ سعودي عرب کان نجي شعبو پاڪستان ۾ تقريبن هڪ ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ڪندو.

نجي شعبو پاڪستان ۾ پنهنجا لوڪل نمائندا مقرر ڪري سرمائيڪاري جا موقعا وڌائيندو. سعودي عرب جي طرفان پاڪستان ۾ وڌيڪ سرمائيڪاري نجي شعبو ڪندو. سعودي عرب جو سرڪاري وفد سعودي فنڊ فار ڊوالپمينٽ جي تحت منصوبن تي ڳالهيون ڪندو. سرڪاري ادارا ۽ نجي شعبو ٻنهي جي پاڪستان ۾ ڌار ڌار اختيارين سان ملاقاتون شيڊول آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومتي سطح تي سرمائيڪاري جي لاءِ ريگوليٽري منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته اين او سي بابت اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں