54

سانگهڙ ۾ بگٽي ۽ عمراڻي برادري ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

سانگهڙ:) سانگهڙ ۾ بگٽي ۽ عمراڻي برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي سگاوتي تڪرار تان بگٽي برادري جي هٿياربند ماڻهن فائرنگ ڪري عمراڻي برادري  جا  ٻه ماڻهو   قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهڇي قتل ٿي ويل ٻنهي نوجوانن جا مڙه سول اسپتال سانگهڙ آندا ويا جن جي سڃاڻپ عزيز گل  عرف پپو عمراڻي ۽ اعجاز عمراڻي طور ٿي آهي جيڪي اڄ صبع روزي سانگي مال پڙي وڃي رهيا ته کين هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو جن جا مڙه سول اسپتال مان  ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو آهي واقعو پراڻي سگاوتي تڪرار تان پيش آهي پنج سال اڳ سڱاوتي تڪرار تان  بگٽي ۽ عمراڻي ۾ جهڙو ٿي پيو هو جنهن  ۾ هڪ عورت سميت بگٽي برادري جا 2 ڄڻا مارجي ويا هئا  جنهن  تي اڄ بگٽي برادري جي ماڻهن پلاند ۾ عمراڻي برادري جي ٻن ڄڻن گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن، واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند آهن 

واضع رهي ته پنج سالن کان  هنلدڙ تڪرار دوران هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا عورت سميت پنج ڄڻا مارجي ويا آهن   هوڏانهن واقعي بعد پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتل آهي  پر هن وقت تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آهي نه وري ڪو جهڙي جو ڪيس داخل ٿي سگيهو آهي جڏهي ته فائرنگ جو واقعو سانگهڙ ڀرسان ڳوٺ دُر محمد لغاري ۾ پيش آيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں