67

ڪراچي: منگهوپير ڀرسان پوليس مقابلي دوران 5 ڏوهاري مارجي ويا

ڪراچي:  ڪراچي جي علائقي منگهو پير ۾ خيرآباد گلشن توحيد جي ڀرسان پوليس مقابلي دوران 5 ڏوهاري مارجي ويا آهن.

ايس ايس پي ويسٽ طارق مستوئي پوليس مقابلي بابت تفصيل ٻڌائيندي چيو ته منگهو پير جي ڀرسان غازي ڳوٺ ۾ سرچ آپريشن جاري هو ته ان دوران گلشن توحيد  مان ڳجهي اطلاع ملي ته ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار ڏوهاري علائقي ۾ موجود آهن. هن ٻڌايو ته اطلاع ملندي ئي علائقي جي ناڪا بندي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ڏوهارين سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، طارق مستوئي ٻڌايو ته پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڏوهاري مارجي ويا.

هوڏانهن انهي معاملي تي ڇيپا ذريعن ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهارين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ويسٽ ٻڌايو ته مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. طارق مستوئي چيو ته مارجي ويل پنجن ئي ڌاڙيلن جي قبضي مان ايس ايم جي هٿيار، شارٽ گن، 3 پستول، بارود اسپينٽ شيل، ڪٽر، 5 موبائيل، موٽر سائيڪل، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو آهي. ڏوهارين جو گروپ علائقي اندر ڪيترن ئي گهرن مان ڦرن جون وارداتون ڪري چڪو هو.

ايس ايس پي ويسٽ موجب علائقي جي رهواسين ٻڌايو ته جوابدار گهر ۾ واردات ڪري رهيا هئا ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا  جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا جيڪي علاج دوران فوت ٿي ويا.

طارق مستوئي ٻڌايو ته هڪ ڦورو جي سڃاڻپ صدام جي نالي سان ٿي آهي. ڏوهارين پاران گهرن ۾ ڌاڙو هڻڻ کان علاوه زيادتي جا به اطلاع آهن. جوابدارن جو تعلق اندرون سنڌ سان آهي. 

ٻئي طرف نيو ڪراچي خميسو ڳوٺ ۾ مبينه مقابلي کان پوءِ جوابدار کي زخمي حالت ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار جوابدار کان پستول، موبائل فون ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي جڏهن ته انهي جو ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں