41

ٽربيونل جي منتقلي تي ٻڌڻي، فيصل چوڌري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد:اسلام آباد جي ٽنهي تڪن جي اليڪشن ٽربيونل جي منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل چوڌري ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي آهي.

اسلام آباد جي ٽنهي تڪن جي اليڪشن ٽربيونل جي منتقلي جي درخواست تي ٻڌڻي اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 4 رڪني بينچ ڪئي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين ڪميشن ۾ پيش ٿيو جڏهن ته طارق فضل چوڌري، خرم نواز ۽ انجم عقيل جو وڪيل به ڪميشن جي آڏو پيش ٿيو. عامر مغل طرفان وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿيو.

ڪميشن اسٽاف کي گذريل ٻڌڻي جو حڪم نامو پڙهڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته چيف اليڪشن ڪمشنر پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڇا چاهيو ٿا، جنهن تي وڪيل انجم عقيل چيو ته اسان ترميم ٿيل درخواستون جمع ڪرايون، 2 ٻڌڻيون ٿي ويون آهن جواب ناهي آيو.

فيصل چوڌري ايڊووڪيٽ چيو ته منهنجو عامر مغل سان رابطو ناهي ٿيو وڌيڪ هڪ التوا ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران وڪيل فيصل چوڌري جي چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ميمبرن سان سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.

چيف اليڪشن ڪمشنر فيصل چوڌري کي چيو ته اوهان اسان کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪريو، جنهن تي فيصل چوڌري چيو اوهان پنهنجي آواز گهٽ ڪري ڳالهايو، اوهان اسان جي درخواست جو فيصلو ڪري ڇڏيو، اسان هتي پنهنجي بيعزتي ڪرائڻ ناهيون آيا.

خيبرپختونخواهه اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اسان آرڊر ڪري ٿا ڇڏيون، اسان کي ڪنهن به ناهي روڪيو، اوهان ساڍي 11 وڳي تائين ڪيس ۾ جمع ڪرايو.

فيصل چوڌري چيو ته ساڍي 11 وڳي تائين جواب جمع ڪرائڻ ممڪن ناهي، منهنجو عامر مغل سان رابطو نه ٿيو آهي. عامر مغل سان رابطو ڪرڻ کان سواءِ جواب نٿو ڏئي سگهان.

فواد چوڌري طرفان فيصل چوڌري کي معافي گهرڻ جي درخواست ڪئي وئي پر فيصل چوڌري چيو ته مان معافي نه گهرندس. فواد چوڌري چيف اليڪشن ڪمشنر کان به معافي جي درخواست ڪئي پر سڪندر سلطان راجا ٻڌڻي اڌ ۾ ڇڏي اٿي هليو ويو.  جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 17 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں