117

ڪراچي شهر اڄ به گرميءَ جي لپيٽ ۾ رهندو، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر اڄ به گرميءَ جي لپيٽ ۾ رهندو، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به موسم گرم ۽ خشڪ رهندي، جڏهن ته پارو 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رڪارڊ ٿيڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو ۽ هوا ۾ نمي جو تناسب 68 سيڪڙو رهيو.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سامونڊي هوائون بند ٿي ويون آهن جڏهن ته اولهه واريون هوائون 18 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته قائداعظم جي شهر ۾ گرمي جي لهر 25 مئي تائين برقرار رهندي، جڏهن ته 21 مئي کان گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں