48

تربت ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام، 280 ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد هٿ

ڪوئٽه: سيڪيورٽي فورسز وقت تي ڪارروائي ڪندي بلوچستان کي وڏي دهشتگردي کان بچائي ورتو آهي.

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تربت شهر ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بنائيندي ڌماڪيدار مواد هٿ ڪري ورتو آهي. سيڪيورٽي فورسز طرفان هٿ آيل ڌماڪيدار مواد 290 ڪلو گرام آهي جيڪو هڪ گاڏي ۾ لڳايو ويو هو ۽ گاڏي کي تربت ۾ دهشتگردانه ڪارروائي لاءِ استعمال ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو.

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته بهترين حڪمت عملي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته  سيڪيورٽي فورسز ملڪي دفاع لاءِ پرعزم آهي دهشتگرد ۽ انهن جا سهولتڪار بلوچستان ۾ ترقي جي عمل کي روڪڻ چاهين ٿا. بلوچستان جي امن کي تباهه ڪندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بنايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں