35

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان اوچتو برسات، موسم خوشگوار ٿي وئي

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اوچتو تيز هوائن سان ٿيندڙ برسات ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.  برسات سبب ڀرپاسي جي علائقن ۾ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي موجب گرم موسم سبب ڪراچي جي اتر، اوڀر ۽ مغرب ۾ ڪڪر وسيا. جنهن سبب سپر هاءِ وي، ڪاٺور، گڏاپ، نوري آباد، بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي ۽ چوڌاري وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي.

موسميات کاتي طرفان چيو ويو آهي ته ڪراچي جي ڏوراهين علائقن ۾  تيز هوائن سان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئجي سگهي ٿي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڪجهه ڏينهن کان خشڪ موسم ۽ گرمي جي شدت برقرار آهي. موسميات کاتي چيو آهي ته شهر ۾ ايندڙ ٻن کان ٽن ڪلاڪن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں