43

پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڳڻتي جوڳيون خبرون ملي رهيون آهن: بيرسٽر سيف

پشاور: خيبرپختونخواهه جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت ڳڻتي جوڳيون خبرون ملي رهيون آهن.

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ملاقاتن تي پابندي کان پوءِ ڪارڪنن ۾ ڳڻتي پکڙيل آهي. بيرسٽر سيف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جي ريسڪيو ۽ پوليس اهلڪارن کي به غيرقانوني حراست ۾ رکيو پيو وڃي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته حراست ۾ رکيل سرڪاري اهلڪارن ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي تشدد جون رپورٽون مليون آهن. هن اهو به چيو آهي ته ايم پي اي ملڪ لياقت ۽ انور زيب خان به حراست ۾ آهي. ياد رهي ته اڊيالا جيل ۾ 18 آڪٽوبر تائين سمورين ملاقاتن تي پابندي لڳائي وئي آهي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں