16

سکر پوليس جي حراست مان فرار ٿيل بدنام ڌاڙيل ڪرم سندراڻي ساٿين وٽ پهچي ويو، جشن واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل

سکر: سکر پوليس جي حراست مان 3 ڏينهن اڳ فرار ٿيل بدنام ڌاڙيل ڪرم سندراڻي جي پنهنجي ساٿين وٽ پهچڻ کان پوءِ جشن واريون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.

آزادي ملڻ کانپوءِ ڌاڙيل ڪرم سندراڻي کي سندس ساٿين نوٽن جا هار پارائي جشن ملهايو ۽ هوائي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.  سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ فوٽيجز ۾ بدنام ڌاڙيل کي سندس ساٿي نوٽن جا هار پارائيندي نظر اچي رهيا آهن. سامهون ايندڙ وڊيو ۾ وڏي انگ ۾ موجود سندس ساٿي موبائل فون تي فوٽو ڪڍندي رڪارڊنگ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته انعامي يافته بدنام ڌاڙيل کي لاڙڪاڻو پوليس نينگري پريا ڪماري جي اغوا واري معاملي ۾ گرفتار ڪرڻ کانپوءِ سکر پوليس حوالي ڪيو هو جتان بدنام ڌاڙيل ڪرم سندراڻي 3 ڏينهن اڳ سکر پوليس جي حراست مان نڪري ويو هو جنهن لاءِ ذريعا ٻڌائن پيا تہ پوليس هڪ ڪروڙ رپيا رشوت وٺي ڌاڙيل کي ڇڏيو آهي.

پوليس حراست مان بدنام ڌاڙيل ڪرم سندراڻي جي نڪري وڃڻ واري وڏي واقعي باوجود سکر پوليس جو ڪو ظاهري موقف يا رد عمل سامهون نه اچي سگهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں