49

سعودي سيڙپڪاري واري وفد جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات، معيشت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وفد ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ معيشت، زراعت مائننگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي.

ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڊگهي مدي جا آزمايل لاڳاپا آهن، اهڙن لاڳاپن کي هڪ ڊگھي واري مدي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪيو وڃي. اسلامي دنيا جي پرامن مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي.

صدر آصف زرداري سان سعودي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفتاح جي اڳواڻي ۾ وفد ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي پاڙيسري ملڪن معيشت، زراعت ڪوئلي جي کاڻ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌائڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو ويو.

ٻنهي ملڪن لاڳاپن کي هڪ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو اظهار به ڪيو. انهي موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسلامي دنيا جي پرامن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ڊگهي مدي وارا آزمايل لاڳاپا آهن، اهڙن لاڳاپن کي هڪ ڊگهي مدي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪيو وڃي. آصف علي زرداري پاڪستان طرفان سعودي عرب سان يڪجهتي جي ارادن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان آل سعود جي بصيرت ۽ قيادت جي پڻ تعريف ڪئي.

صدر زرداري سعودي عرب جي ويزن 2030 جي تحت شاندار ترقي جي تعريف ڪندي چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي لاءِ باعث مسرت ۽ فخر آهي. صدر آصف زرداري هر مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي عرب جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جي لاءِ باعث مسرت ۽ فخر آهي. ٻنهي پاڙيسري ملڪن کي خطي ۽ اسلامي دنيا جي خوشحالي ۽ پرامن مستقبل جي جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

انهي موقعي تي سعودي سيڙپڪاري واري وزير چيو ته سعودي عرب پاڪستان جي تعميري انفرااسٽرڪچر جي شعبن ۾ سرمائيڪاري جو منصوبو ٺاهيو آهي. سعودي وفد مختلف شعبن ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن معاهدن سان ٻطرفي اقتصادي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں