51

وفاقي ڪابينه 5 آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه 5 آءِ پي پيز سان معاهده ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميمبرن وڏو فيصلو ڪندي 5 آءِ پي پيز سان معاهدو ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ واري ارادي جو اظهار پڻ ڪيو ويو.

آءِ پي پيز سان مهانگي بجلي جي پيداوار واري معاملي تي وفاقي ڪابينه وڏا فيصلا ڪيا آهن. انهي سلسلي ۾ پهرين مرحلي ۾ تقريبن 2400 ميگاواٽ صلاحيت جي 5 آءِ پي پيز بند ڪرڻ جي تجويز منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي تحت آءِ پي پيز ۾ 1200 ميگاواٽ صلاحيت کان وڌيڪ جي حبڪو کي بند ڪيو ويندو.

بجلي جي شعبي جي اصلاحات لاءِ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۽ اهڙين آءِ پي پيز جي مالڪن وچ ۾ اتفاق ۽ اهڙن معاهدن جي اختتام جي عمل جا تفصيل ڪابينه جي سامهون پيش ڪيا ويا. بجلي خريد ڪرڻ وارن معاهدن جي اختتام جي فهرست ۾ روسچ پاور، صبا پاور، لالپر، حبڪو ۽ اٽلس پاور شامل آهن.

اهڙن معاهدن کي ختم ڪرڻ سان بجلي صارفين کي 60 ارب روپيه ساليانو فائدو ۽ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ٿيندي. گڏيل طور تي ملڪي ناڻي کي 411 ارب روپين جي بچت ۽ انهي کان علاوه آءِ پي پيز کان واجب الادا رقم تي ڪنهن به قسم جو وياج نه ورتو ويندو.

ذريعن موجب 362 ميگاواٽ صلاحيت جي اي اي ايس لال کي بند ڪيو ويندو. 224 ميگاواٽ جي اٽلس پاور کي به بند ڪيو ويندو. اهڙي طرح 136 ميگاواٽ جي صبا پاور کي به بند ڪيو ويندو. ان سان گڏ ئي 450 ماگيواٽ جي روش پلانٽ کي به بند ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينه طرفان منظوري کان پوءِ اهڙين ڪمپنين جون بورڊ جون گڏجاڻيون گهرايون وينديون ۽ انهن ڪمپنين جي بورڊز کان به ڪابينه فيصلي تي عمل ڪرايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں