17

پنج ڏينهن تائين شادي هال ۽ ريسٽورنٽ بند رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد: حڪومت 5 ڏينهن تائين شادي هال، ڪيفي، ريسٽورنٽ ۽ اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس جون تياريون جاري آهن، جاڙن شهرن ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پلان تي عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ 12 کان 16 آڪٽوبر تائين شادي هال، ڪيفي، ريسٽورنٽس ۽ اسنوڪر ڪلب بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پوليس واپارين، هوٽل ۽ ريسٽورنٽ مالڪن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، کانئن شورٽي بانڊ طلب ڪندي چيو ويو آهي ته ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

جاڙن شهرن ۾ ايس سي او ڪانفرنس کي ڏسندي 14 کان 16 آڪٽوبر تائين عام موڪل جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو سربراهي اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں