46

ناڻي واري وزير سيلز ٽيڪس چوري خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون ۽ گرفتارين جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ 3400 ارب روپين جي ٽيڪس چوري ۽ فراڊ آهي، سيلز ٽيڪس چوري جي خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. سيلز ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو.

اهڙيون ڳالهيون هن ايف بي آر چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيون. ناڻي واري وزير ڪانفرنس دوران ڪمپنين جي ٽيڪس گوشوارن جون سلائيڊز پيش ڪيون ۽ چيو ته ڪمپنيون اربين روپين جي ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث آهن.

ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس جمع ڪرائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي. ملڪ ۾ 3400 ارب روپين جي ٽيڪس چوري ۽ فراڊ ٿي رهيو آهي. سيمنٽ سيڪٽر مان 18 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس جمع ٿي سگهي ٿو. بيٽري سيڪٽر مان 11 ارب روپين جو اضافي ٽيڪس وصول ڪري سگهجي ٿو. اهڙي طرح بيوريجز سيڪٽر ۾ 11 ارب روپين جو ٽيڪس شارٽ فال آهي.

هن چيو ته 3 لک مينو فيڪچرز مان صرف 14 سيڪڙو رجسٽرڊ آهن. ٽيڪسٽائل ويونگ ۾ 18 ارب روپين جو ٽيڪس شارٽ فال آهي. آئرن ۽ اسٽيل سيڪٽر ۾ اضافي ان پٽ ٽيڪس ڪليم جي مد ۾ 29 ارب روپين جي ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي. ان پٽ ٽيڪس ايڊجسٽمينٽ سسٽم جي ذريعي تمام وڏو فراڊ ٿي رهيو آهي.  ٽيڪس فراڊ ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو ۽ هڪ ارب روپين تائين ٽيڪس چوري تي پنج سال ۽ انهي کان وڌيڪ جي ٽيڪس چوري تي 10 سالن تائين قيد جي سزا ملي سگهي ٿي.

انهي موقعي تي ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال چيو ته ڪمپنين پنهنجي سيل ۾ وڏي پيماني تي ٽيڪس فراڊ ڪيو آهي پيش ڪيل ٽيڪس گوشوارا مڪمل فراڊ ۽ ڪوڙا آهن اسان هن وقت اهڙين ڪمپنين جا نالا ظاهر نه ڪري رهيا آهيون پر ٽيڪس چوري ۾ ملوث اهڙن ماڻهن کي جڏهن گرفتار ڪنداسين ته سمورين شاهدين جي تحت ڪنداسين ۽ نالا به ظاهر ڪنداسين.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته ڪمپنين جا سي ايف او انهي ٽيڪس چوري جا بينفشري نه آهن. سي ايف او صحيحون ڪندا آهن اهو ڪرمنل قدم آهي. جيڪڏهن غلط سيلز ٽيڪس ريٽرنز آهن ته سيٺ جي چوڻ تي سي ايف او صحيح نه ڪري. هڪ هفتي ۾ قانوني پراسيس کان پوءِ گرفتاريون ڪيون وينديون. ڪمپنين جا سي ايف او سيلز ٽيڪس ريٽرنز تي صحيح ڪرڻ کان اڳ وڪيل ۽ گهر ڀاتين سان مشورو ضرور ڪن.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايندڙ 15 کان 20 ڏينهن ۾ سيلز ٽيڪس چوري جي خلاف وڏو ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. سيلز ٽيڪس چوري ۾ ملوث  ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو. وڏين وڏين ڪمپنين جي سي ايف اوز کي گذارش آهي ته غلط سيلز ٽيڪس ان پٽ داخل نه ڪريو. هن ملڪ ۾ سيلز ٽيڪس ان پٽ ايڊجسٽمينٽ کان وڏو ڪوبه فراڊ نه آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں