50

بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين تي حملا، 20 ڄڻا مارجي ويا، 7 زخمي

ڪوئيٽه: بلوچستان ۾ ڪوئلي جي کاڻين تي حملا، 20 پورهيت مارجي ويا، 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

لورالائي جي علائقي دُڪي ۾ دهشتگردن کاڻين جي مشينري  کي باهه ڏئي ڇڏي، حملي ۾ هينڊ گرنيڊ ۽ راڪيٽ لانچرز جو به استعمال ڪيو.

پوليس موجب مارجي ويل پورهيتن ۾ زوب جو عبدالمالڪ، مولاداد، سيد الله، جلال، فضل الله ۽ روزي خان شامل آهن.

مارجي ويل نصيب الله ۽ عبدالله، سميع الله جو قلعه سيف الله سان تعلق، ملنگ خان، عبدالله ۽ حمد الله پشين جا رهواسي هئا.

بسم الله جو تعلق ڪچلاڪ، جلات خان جو تعلق لورلائي، صمد خان موسيٰ خيل ۽ ولي محمد شاهرگ جو رهواسي هو.

واقعي خلاف مارجي ويل مزدورن جا لاش رکي هاءِ وي تي ڌرڻو، دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تي پهچائڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو چتاءُ ڏنو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں