64

بدين ڀرسان شهيد محمد فاضل راهو جي ويجهو ساٿي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي

بدين:بدين ڀرسان شهيد محمد فاضل راهو جي ويجهو ساٿي پيپلزپارٽي جي سرگرم ڪارڪن   ڪامريڊ علي احمد جوکيو شهيد محمد فاضل راهو جي مزار تي بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب بدين شهيد محمد فاضل راهو جو ويجهو ساٿي پيپلزپارٽي جو سرگرم ڪارڪن 65 ورهين جي ڪامريڊ علي احمد جوکيو راهوڪي لڳ شهيد محمد فاضل راهو جي مزار تي بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي گولاڙچي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

باخبر ذريعن موجب ته سندس وٽان اڳوڻي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي نالي لکيل خط مليو آهي جنهن ۾ هن محمد اسماعيل راهو کي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ٻئي طرف خودڪشي جي واقع کان پوءِ بدين واسين ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي ماڻهن طرفان افسوس جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

ڪامريڊ علي احمد جوکيو شهيد محمد فاضل راهو جو ويجهو ساٿي هو ۽ هن وقت پيپلزپارٽي جو سرگرم ڪارڪن سان گڏ محمد اسماعيل راهو سندس فئملي سان سندس گهرو تعلق هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں