44

پي ٽي آءِ جو 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڀرپور احتجاج جو اعلان

اسلام آباد:تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تحريڪ انصاف جي سياسي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور شرڪت نه ڪئي.

اجلاس کانپوءِ اطلاعات سيڪريٽري شيخ وقاص اڪرم طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 15 آڪٽوبر تي اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، جنهن لاءِ مرڪزي ڪميٽي کان وٺي علائقائي سطح تائين تنظيمي ذميوارن ۽ ونگز کي تيارين جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائيءَ موجب 15 آڪٽوبر تي ڊي چوڪ تي پرامن احتجاج جي تيارين کي ڏسندي پنجاب جي ضلعن ۾ ٿيندڙ احتجاج کي رد ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پوءِ اعلان ڪيو ويندو.

سياسي ڪميٽي جو چوڻ آهي ته مينڊيٽ چور ۽ آئين ۽ قانون کان بيزار ناجائز حڪمران ظلم ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به ريت تيار ناهن، اڊيالا ۾ ناحق قيد تحريڪ انصاف باني عمران خان کي ظلم جو نشانو بڻائڻ جو نئون سلسلو شروع ڪيو پيو وڃي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي صحت ۽ سلامتي کي ڄاڻ واڻي سنگين خطرا پهچائڻ لاءِ کيس سمورن بنيادي ۽ انساني حقن کان محروم ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں