90

راولپنڊي ۾ اٺ ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو، ٻيلهه سواري تي پابندي

راولپنڊي: راولپنڊي ۾ 8 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، ان دوران شهر ۾ سياسي ميڙاڪن، ڌرڻن، جلوسن ۽ ٻين سرگرمين تي پابندي هوندي.

پنجاب حڪومت راولپنڊي ۾ 8 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، اهو قدم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس کي ڏسندي کنيو ويو آهي.

ان دوران راولپنڊي ۾ سياسي ميڙاڪن، ڌرڻن، جلسن ۽ ٻين سرگرمين تي پابندي هوندي، جڏهن ته شهر جي حدن ۾ ٻيلهه سواري، هوائي فائرنگ، ڪبوتر بازي، ڊرون اڏائڻ ۽ ليزر لائٽس جي استعمال تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ 17 آڪٽوبر تائين قلم 144 ضلعي انتظاميا جي درخواست تي لڳايو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں