43

تحريڪ انصاف احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ تي مشروط ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) 15 آڪٽوبر تي احتجاج ملتوي ڪرڻ جو فيصلو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ تي مشروط ڪري ڇڏيو آهي.

گذريل رات پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا جنهن جي صدارت بيرسٽر سلمان اڪرم راجا ڪئي. ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته 14 آڪٽوبر تائين عمران خان سان ملاقات جي صورت ۾ احتجاج ملتوي ڪري ڇڏيندا. اڳوڻي وزيراعظم جي صحت بابت اسان کي پريشاني آهي. ڊاڪٽر وڪيل يا ڪنهن به پارٽي اڳواڻ جي ملاقات ڪرائي وئي ته احتجاج ملتوي ڪيو ويندو.

ذريعن موجب ڪور ڪميٽي فيصلو ڪيو آهي ته ملاقات نه ڪرائي وئي ته 15 آڪٽوبر تي سخت احتجاج ڪيو ويندو. پارٽي جي ڪجهه ميمبرن شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس سبب احتجاج ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جڏهن ته شهباز گل ۽ خالد خورشيد سميت ٻين ميمبرن احتجاج ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي. پارٽي قيادت ۽ سينئر اڳواڻن احتجاج ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني. ميمبرن جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي باني عمران خان سان ملاقاتن تي پابندي حڪومت جي سوچيل سمجهيل سازش آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں