37

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجو آئيني ترميم جو مسودو انٽرنيٽ تي شيئر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد:  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي آئيني ترميم جو مسودو انٽرنيٽ تي شيئر ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هي ميثاق جمهوريت جي اڻ مڪمل عدالتي اصلاحات جي ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ جون تجويزون آهن جيڪي سمورن وفاقي وزيرن جي هڪ جهڙي نمائندگي سان گڏ آئيني عدالت جي قيام جون تجويزون پيش ڪن ٿيون.

بلاول ڀٽو چيو ته اسان ججز جي مقرري ۾ ججز ذريعي سموريون رنڊڪون ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ انهي عمل ۾ پارليامينٽ، عدليه ۽ قانوني برادري کي برابري جو درجو ڏيون ٿا.

هن چيو ته گڏيل مسودو تيار ڪرڻ لاءِ اپوزيشن پارٽي جي يو آءِ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، سياسي پارٽين جي وسيع تر اتفاق راءِ جي بنياد تي گڏيل مسودي لاءِ پراميد آهيون، بلاول ڀٽو چيو ته اسان ترميم جو مسودو بهتر ڪرڻ لاءِ بامعنيٰ عوامي رد عمل جي آجيان ڪنداسين.

ياد رهي ته انهي کان اڳ بلاول ڀٽو پنهنجي پارٽي جي تجويز ڪيل وفاقي آئيني عدالت جي مسودي کي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي تجويز ڪيل آئيني عدالت جهڙو قرار ڏيندي چيو هو ته وفاقي آئيني عدالت جي تجويز سڀني کان پهريان قائداعظم پيش ڪئي هئي. قائداعظم 27 آۡآڪٽوبر 1931 تي لنڊن جي گول ميز ڪانفرنس ۾ وفاقي آئيني عدالت جي تجويز پيش ڪئي هئي.

هن چيو ته قائداعظم اصل ۾ 3 ايپڪس ڪورٽون ٺاهڻ جي تجويز ڏني هئي. قائداعظم جي تجويز هئي ته وفاقي آئيني عدالت آئيني ۽ بنيادي حقن جا معاملا ڏسي، سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽس جي فيصلن خلاف اپيلون ٻڌي ۽ ٽئين ايپڪس ڪورٽ ڪرمنل ڪورٽ آف اپيل هجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں