39

سنڌ پوليس جي اهلڪارن کي سستا پلاٽ ۽ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ پوليس ۽ نيشنل پوليس فائونڊيشن جي تعاون سان انسپيڪٽر رينڪ تائين جي ملازمن کي مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن سائوٿ ۾ پوليس دربار منعقد ڪيو ويو جتي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، زونل ڊي آءِ جيز، ضلعي ايس ايس پيز سميت آفيسرن،  جوانن ۽ ايم ڊي نيشنل پوليس فائونڊيشن شرڪت ڪئي.

انهي موقعي تي ڳالهيون ڪندي ايم ڊي اين پي ايف عرفان زمان چيو ته اين پي ايف جو مقصد پوليس جي فلاح آهي. اهلڪارن جي لاءِ پلاٽ جي پهرين ڊائون پيمنٽ پوليس فائونڊيشن ڏيندي ۽ پوليس هائوسنگ سوسائٽي جا پهريان 2000 پلاٽس ۾ اين پي ايف 50 هزار روپين جي ڀائيواري ڪندو.

ايم ڊي ان پي ايف چيو ته قسطن تي بنا وياج اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون ڏيڻ جي آئيڊيا آءِ جي سنڌ جو آهي. فائونڊيشن جو مقصد انسپيڪٽر رينڪ تائين جي ملازمن کي مراعتون ڏيڻ آهي.

انهي موقعي تي آءِ جي سنڌ چيو ته فائونڊيشن طرفان سنڌ پوليس جي فلاح وارن قدمن جي تعريف ڪريان ٿو. مارڪيٽ جي حوالي سان سنڌ پوليس کي اڌ قيمت تي فراهمي بهترين قدم آهي. پلاٽ جي بڪنگ تي 50 هزار جي ادائيگي اين پي ايف طرفان ڪرڻ قابل تعريف آهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته هر پوليس جوان کي پنهنجو گهر هجي، اسان به سنڌ پوليس کي بنا وياج جي موٽرسائيڪلون ڏينداسين مان اين پي ايف کي هر ممڪن سپورٽ جو يقين ڏياريان ٿو. پوائنٽ مي ايپ ملازمن جي حاضري جي نظام ۾ انتهائي فائديمند اضافو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پوليس جي هيلٿ انشورنس اسڪيم جي لاءِ 5 ارب روپيه رکيا ويا آهن.  نادرا سان ملازمن جو فيملي ٽرين ملندي ئي ڪم شروع ٿي ويندو. جنهن جي تحت سنڌ پوليس جي ڪنهن به ضلعي جو جوان ڪراچي جي بهترين ۽ معياري اسپتالن مان علاج ڪرائي سگهندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں