42

عمران خان پاڪستان ۾ سياست لاءِ نه پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي:  سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران اسرائيل ڳٺ جوڙ ايس سي او ڪانفرنس کي ملتوي ڪرائڻ جي لاءِ سرگرم آهي.

شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان پاڪستان ۾ سياست لاءِ نه پر پنهنجن ناپاڪ مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي،  عمران خان جي تل ابيب سان رابطا ملڪ دشمني طاقتن طرفان ايس سي او کي ملتوي ڪرائڻ جي ناپاڪ ڪوششن جو حصو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ پاڪستان جي قومي مفادن تي سمجهوتو آهي.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به عمران خان پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ لاءِ چيني صدر جي دوري کي ملتوي ڪرائڻ جي سازش جو حصو رهيو آهي. پي ٽي آءِ قيادت پرڏيهي  دشمن ملڪن جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيو آهي. پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختاري تي ملڪ دشمن مفادن کي ترجيح ڏئي ٿي.

پي ٽي آءِ ٿنڪ ٽينڪ هن وقت تل ابيب ۾ ويٺل آهي ۽ پاڪستان جي خلاف سازشن ۾ مصروف آهي. پي ٽي آءِ جا اهم پاليسي ميڪر اسرائيل ۾ ويٺل آهن جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ سرگرم آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں