87

سرهاڙي ڀرسان 50 ورهين جي پيرسن ٽئين شادي نه ڪرائڻ تان مبينا طور ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

سرھاڙي : سرھاڙي ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد مگسي ۾ 50 سالا پيرسن ٽئين شادي نہ ڪرائڻ تان پنھنجي گھر جي ڪمري اندر مبينا طور ڦاھو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو  کڏھر پوليس پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب سرھاڙي ڀرسان کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد مگسي ۾  ٽئين شادي نہ ڪرائڻ تان 50 ورھين جي پيرسن گل حسن مگسي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو کڏھر پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقا اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪري ڇڏيو.

آپگهات ڪندڙ پيرسن جي وارثن موجب پيرسن ٽئين شادي ڪرائڻ لاء زور ڀري رھيو ھو اسان کيس ڪجھ ڏينھن صبر ڪرڻ جو چيو پر هن رات دير سان پنھنجي گھر جي ڪمري اندر ڦاھو کائي زندگي جو انت آندو. اسان فورن پھچي کيس نوابشاھ اسپتال کڻائي وياسين جتي ھن اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو  رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو تـ  واقعي جي جانچ ڪري رھيا آھيون وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوء واقعي جي جانچ ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں