69

آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: عالمي مالياتي اداري(آءِ ايم ايف) پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ حڪومت کان وڌيڪ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل 7 ارب ڊالر جي نئين قرض پروگرام جي تحت طئي ٿيندڙ شرطن بابت رپورٽ ۾ عالمي اداري پاڪستان ۾ سرڪاري بدانتظامي جي نشاندهي ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سياسي مقصد جي لاءِ حراسمينٽ ختم ڪئي وڃي.

حڪومت کان مطالبن ۾ عالمي اداري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) کي وڌيڪ آزاد ۽ خود مختار بنائڻ جا قدم کنيا وڃن ۽ نيب کي احتساب جي لاءِ وڌيڪ موثر بنايو وڃي.

پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جاچ جي نظام کي بهتر بنايو وڃي. جون 2025 تائين ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويندو.

آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته ڪرپشن جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪنوينشن جي روشني ۾ جائزه رپورٽ تيار ڪئي وڃي ۽ ڪرپشن جي خلاف ڪيسن ۾ سرڪاري ادارن جي ڪمزور قانوني صلاحيت کي بهتر بنايو وڃي.

عالمي مالياتي اداري طرفان اهو به چيو ويو آهي ته سمورن سرڪاري آفيسرن جي اثاثن جي ڄاڻ تائين پهچ آسان بنائي وڃي. سرڪاري آفيسرن جي غيرقانوني طريقي سان وڌندڙ اثاثن کي روڪيو وڃي ۽ سرڪاري آفيسرن جي اثاثن ۽ آمدني جي گوشوارن کي عوام آڏو آندو وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته فيبروري تائين سرڪاري آفيسرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. سمورن سرڪاري آفيسرن جا اثاثا عوام آڏو آڻڻ جي لاءِ ايف بي آر کي ڊيجيٽلائيز ڪيو وڃي.

آءِ ايم ايف چيو آهي ته نيب کي ڪرپشن جي جاچ لاءِ صحيح ڊيٽا فراهم نٿو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته  پاڪستان ۾ سرڪاري ادارن ۾ شفافيت يقيني بنائي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں