42

ايس سي او ڪانفرنس: سيڪيورٽي جا سخت انتظام، شهر ۾ پاڪ فوج مقرر

اسلام آباد: ايس سي او ڪانفرنس لاءِ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايس سي او ڪانفرنس جي حوالي سان اسلام آباد شهر ۾ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا، ميٽرو بس سروس اڄ 14 آڪٽوبر کان 17 آڪٽوبر تائين بند رهندي، اسلام آباد پوليس ٽريفڪ پلان به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ملپور کان ڍوڪري چوڪ، ڪشمير چوڪ ۽ سرينا هوٽل تائين روڊ بند رهندو. راول ڊيم چوڪ کان ڪشمير چوڪ، سرينا هوٽل تائين مري روڊ به بند رهندو. ملپور کان سرينگر هاءِ وي جي ذريعي آبپاره تائين روٽ بند هوندو.

مري ۽ بهاره کهو کان راولپنڊي ايندڙن لاءِ متبادل روٽس ڏنو ويو آهي. مري ۽ بهاره کهو کان راولپنڊي ايندڙ کي رنگ روڊ، بني گالا، پارڪ روڊ، راول ڊيم چوڪ جي ذريعي فيض آباد اچي سگهندا.

راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ نائنٿ ايوينو استعمال ڪري سگهندا. ايڪسپريس وي، فيصل ايونيو کان زيرو پوائنٽ ۽ ڪورال چوڪ تائين بند رهندو. اڄ کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ هر قسم جي هيوي ٽريفڪ جي داخلا به بند هوندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں