37

جماعت اسلامي ايندڙ چيف جسٽس جي حلف برداري تائين آئيني ترميم ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي: جماعت اسلامي 26هين آئيني ترميم ايندڙ نئين چيف جسٽس منصور علي شاهه جي حلف برداري تائين ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته 26هين آئيني ترميم جو مقصد مرضي جو چيف جسٽس لڳائڻ  ۽ مرضي جو عدالتي نظام قائم ڪرڻ آهي.

هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته آئيني ترميم ايندڙ چيف جسٽس منصور علي شاهه جي حلف برداري تائين ملتوي ڪئي وڃي. حافظ نعيم چيو ته حڪومت جي اها ڳالهه صحيح آهي ته ايس سي او اجلاس جي موقعي تي ڪوبه احتجاج نه ٿيڻ گهرجي پر حڪومت کي به ايس سي او اجلاس  جي دوران آئيني ترميم جي ڪارروائي کي روڪڻ گهرجي.هن چيو ته پاڪستان ۾ معزز مهمانن جي اچڻ سان سرمائيڪاري جا امڪان پوري ملڪ جي لاءِ اهم آهن.

حافظ نعيم وڌيڪ چيو ته ڪراچي جا شهري هن وقت تڪليفن ۾ مبتلا آهن شهر هڪ کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، روڊ زبون حالي جو شڪار آهن، سيوريج جو پراڻو نظام ختم ٿي چڪو آهي. سنڌ ۾ ڪرپشن جو نظام هلي رهيو آهي جنهن کي سسٽم چيو ويندو آهي، انهي تي ڪوبه هٿ نٿو وجهي سگهي. مٿي کان هيٺ تائين ڪرپشن ئي ڪرپشن آهي. حڪومت جي بدانتظامي آهي اربين روپين جو ڪم برسات جي ور چڙهي ويو، هيٺين سطح تائين اختيار نه پيا پهچايا وڃن.

جماعت اسلامي جي امير چيو ته بلدياتي چونڊن جي ري ڪائونٽنگ دوران حڪومتي پارٽي جا ماڻهو بيلٽ باڪسز ئي کڻي ويا، اهي ئي ماڻهو آهن جن ڪراچي جي ميئرشپ قبضي سان حاصل ڪئي آهي. حافظ نعيم چيو ته حڪومت پنج آءِ پي پيز جا ڪانٽريڪٽ ختم ڪيا، مان اهڙن ماڻهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جن راولپنڊي ۾ ڌرڻو هنيو. انهي جي بدولت حڪومت آءِ پي پيز سان ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ هڪ مافيا ڪي اليڪٽرڪ به آهي جنهن کي نيپرا ۽ حڪومت جي سهولتڪاري حاصل آهي، وائٽ ڪالر ڪريمنل ڪي اليڪٽرڪ ۾ ويٺل آهن جن تي ڪوبه هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه آهي اهو مافيا عدالتن مان اسٽي وٺي ڇڏيندو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں