37

اڄ مخالفت ڪندڙ ماضي ۾ آئيني عدالت جي حمايت ڪندا رهيا آهن: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ جا ڪيترائي مخالف ماضي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن.

بلاول ڀٽو زرداري ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي 2007 کان هر چونڊن ۾ عدالتي اصلاحات جي نفاذ جي منشور سان گڏ حصو ورتو آهي جن ۾ وفاقي آئيني عدالتن جو قيام شامل آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2006 جي ميثاق جمهوريت، پ پ جي 2013 ۽ 2024 جي چونڊ منشور ۾ وفاقي آئيني عدالت جو ذڪر موجود آهي، اڄ جا ڪيترائي مخالف ماضي ۾ وفاقي آئيني عدالت جي حمايت ڪري چڪا آهن.

هن چيو ته آئيني عدالت لاءِ موجوده مخالفت ذاتي پسند، ناپسند يا موجوده سياسي حالتن جي بنياد تي آهي، آئيني عدالت جي حوالي سان تقريبن ٻن ڏهاڪن کان اسان جي پارٽي جو مستقل موقف هڪ ئي رهيو آهي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته منهنجي اڳواڻي ۾ هر اليڪشن ۾ چونڊجي ايندڙ نمائندن کي عوام وفاقي آئيني عدالت جي قيام جو مينڊيٽ ڏنو جنهن ۾ سڀني جي هڪ جهڙي نمائندگي هجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں