45

شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس اڄ کان شروع، ڀارت سميت ٻين ملڪن جا وفد پهچي ويا

اسلام آباد:  شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس اڄ کان شروع ٿي ويو آهي. اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت، چين، روس، ايران، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جا وفد اسلام آباد پهچي ويا، روس جو 76 رڪني ۽ ڀارت جو 4 رڪني وفد اسلام آباد پهچي ويو آهي.

ايس سي او جا 7 نمائندا، چين جو 15 رڪني، ڪرغزستان جا 4 ۽ ايران جو 2 رڪني وفد به پهچي ويو. وزيراعظم شهباز شريف سربراهي اجلاس جي صدارت ڪندو. چين جو وزيراعظم لي چيانگ ۽ روسي وزيراعظم ميخائل مشوستن شريڪ ٿيندا.

بيلاروس، قازقستان، تاجڪستان جا وزيراعظم به اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر، ازبڪ وزيراعظم ۽ ايران جو اول نائب صدر به ڪانفرنس جو حصو هوندا.

وزيراعظم سمورن معزز مهمانن جو استقبال ڪندو. ايس سي او ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ گروپ فوٽو ڪڍرائيندا، اجلاس جي شروعات ۾ وزيراعظم شهباز شريف افتتاحي خطاب ڪندو.

ٻئي طرف شنگهائي تعاون تنظيم(ايس سي او) اجلاس لاءِ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ٽريفڪ پوليس موجب ريڊ زون ڏانهن ايندڙ سمورن رستن کي بند ڪيو ويو آهي. پارڪ روڊ کي بني گالا کان ۽ راول ڊيم چوڪ کي ڪلب روڊ کان بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته فيصل ايونيو کي فيض آباد جي هنڌ تان بند ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب آءِ جي پي روڊ کان آئي ايٽ ويندڙ رستا بند آهن جڏهن ته ڪشمير هاءِ وي تي ڪنوينشن سينٽر ڏانهن ويندڙ روڊ به بند آهي. انهي کان علاوه باره کهو کان مري ويندڙ روڊ کي به بند ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں