43

اسان جي ايجنڊا صرف پاڪستان آهي، انهي جي ڪاميابي چاهيون ٿا: آرمي چيف

اسلام آباد: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان جي ايجنڊا صرف پاڪستان آهي ۽ اسان صرف پاڪستان کي ڏسي رهيا آهيون انهي جي ئي ڪاميابي چاهيون ٿا.

رپورٽ موجب شنگهائي تعاون تنظيم  جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل چيني وزيراعظم لي چيانگ جي اعزاز ۾ صدر آصف علي زرداري طرفان مانجهاندو ڏنو ويو. مانجهاندي جي دعوت ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي.

دعوت جي دوران صحافين آرمي چيف کان پڇيو ته ايس سي او ڪانفرنس مان اوهان ڪهڙيون اميدون رکو ٿا؟  جنهن تي  آرمي چيف جنرل عاصم منير  جواب ڏنو ته اسان جي ايجنڊا صرف پاڪستان آهي اسان صرف پاڪستان کي ڏسي رهيا آهيون ۽ انهي جي ئي ڪاميابي چاهيون ٿا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں