49

صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس طلب ڪري ورتا

اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس طلب ڪري ورتا آهن. قومي اسيمبلي جو اجلاس 17 آڪٽوبر خميس ٻنپهرن جو 4 وڳي ۽ سينيٽ اجلاس 17 آڪٽوبر خميس ٻنپهرن جو 3 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.

صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54(1) جي تحت طلب ڪيا آهن. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جو مسودو پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف وفاقي ڪابينه جو اجلاس به سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف  آئيني ترميم تي خصوصي پارلياماني ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) به آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں