59

سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ پوزيشنون ختم ڪرڻ جو فيصلو، نئين گريڊنگ پاليسي لاڳو

ڪراچي: تعليمي نظام کي جديد بنائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ پوزيشنون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انهي سان گڏ نئين گريڊنگ پاليسي پڻ لاڳو ڪئي وئي آهي. جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب بورڊ  ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽري محمد عباس بلوچ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي جي شاگردن کي نمبر ۽ پوزيشن نه پر گريڊ ملندا. سنڌ اهڙي طرح جو نظام لاڳو ڪندڙ پاڪستان جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي.

نئين گريڊنگ پاليسي 2025 کان لاڳو ٿيندي. اهڙي نظام جي تحت شاگردن جي جاچ ڪئي ويندي ۽ روايتي نمبرن ۽ پوزيشن جي بجاءِ کين گريڊ ڏنا ويندا. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين گريڊنگ سسٽم جي تحت پهرين، ٻئين ۽ ٽئين پوزيشن ختم ڪئي ويندي. انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي(آءِ بي سي سي) هڪ نئون گريڊنگ فارمولو تيار ڪيو آهي جيڪو سيڪڙو جي  نمبرن جي بنياد تي گريڊ فراهم ڪري ٿو.

مثال جي طور تي 95 سيڪڙو يا انهي کان وڌيڪ نمبر کڻندڙ شاگردن کي اي پلس پلس گريڊ ڏنو ويندو جڏهن ته 90 سيڪڙو ۽ 94 سيڪڙو جي وچ ۾ نمبر کڻندڙن کي اي پلس گريڊ ملندو.

انهي سسٽم جي تحت 80-84 نمبر حاصل ڪندڙن کي بي پلس پلس گريڊ(تمام سٺو) 75-79 سيڪڙو کي بي پلس(سٺو) 70-74 سيڪڙو کي بي(فيئر) ۽ 60-69 سيڪڙو کي(سي) نمبر ملندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں