25

آئيني ترميم ڳجهي طريقي سان آندي پئي وڃي، حصو نه بڻجنداسين: اختر مينگل

اسلام آباد: بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته آئيني ترميم ڳجهي طريقي سان آندي پئي وڃي انهي جو حصو نه بڻجنداسين.

اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سردار اختر مينگل چيو ته  آئين ڪو ڳجهو دستاويز نه هوندو آهي، هر شهري جو حق آهي ته انهي کي آئين ۾ ترميم جي باري ۾ خبر هجي، سمورين سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن کي خبر هجي، سوال اهو آهي ته اهڙي آئيني ترميم جو سربراهه ڪير آهي.

هن چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي جمهوريت نه ملندي، هن ملڪ ۾ جيڪي به ڊڪٽيٽر گذريا آهن انهن به ريفرنڊم ڪرايو، هڪ مهيني کان ملڪ ۾ هنگامي صورتحال آهي، آئيني ترميم ڳجهي طريقي سان آندي پئي وڃي. اسان انهي آئيني ترميم جو حصو نه بڻجنداسين. اسان ڪڏهن به طاقت جي زور تي آندل ترميم جو حصو نه بڻجنداسين.

اختر مينگل چيو ته آئيني ترميم جو مسودو مختلف قسطن ۾ شيئر ٿي رهيو آهي، مشرف جي دور ۾ به گن پوائنٽ تي اسان ڳالهيون نه ڪيون، اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي آهي  جنهن جي لاءِ راتو رات ڳجهي ترميم جي ضرورت پئجي وئي، اهڙي ڪهڙي ترميم آهي جنهن کي عوام آڏو آڻڻ حڪومت لاءِ شرم جوڳو عمل آهي، مائرن ۽ ڀينرن کي کنڀي کڻي اوهان آئيني ترميم جو چئو ٿا.

بي اين پي جي سربراهه چيو ته پارليامينٽ ۾ ويٺل  ڪنهن به ميمبر جي هاڻ حيثيت نه رهي آهي. قاسم بزنجو ۽ ان جو پٽ گذريل 5 ڏينهن کان غائب آهن. سيد احسان شاهه کي پارليامينٽ لاجز ۾ يرغمال بنائي سندس گهر واري کي مجبور ڪيو پيو وڃي، هاڻ سڀني جي لاءِ وقت اچي ويو آهي ته اهو رستو اختيار جيڪو مون اختيار ڪيو.

هن چيو ته ڇا اهائي ووٽ جي عزت آهي، اسان جي نمائندن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، دٻاءُ ۾ نه پر پنهنجن  ميمبرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملڪ واپس آيو آهيان، آئيني ترميم لاءِ مون سان رابطو ڪيو ويو پر مون کين چيو ته مان استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان، منهنجا ميمبر منهنجي واپس اچڻ تائين ڪنهن به ترميم جو حصو نه بڻجندا. پوءِ چاهي جنت جو رستو ڏيکاريو وڃي، 73 جو آئين اسان جي لاءِ ڪجهه ناهي ڪري سگهيو. 26هين ترميم کي به ڏسي وٺنداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں