32

سيڪيورٽي فورسز جون پشين ۽ زوب ۾ ڪارروايون، 2 دهشتگرد مارجي ويا، 5 گرفتار، هٿيار هٿ

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 2 خوارج دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 5 کي گرفتار ڪري وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پشين ۾ خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو جتي 5 خوارج کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارودي ۽ ڌماڪيدار مواد قبضي ۾ ورتو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو آهي ته خوارج جي قبضي مان 3 آپگهاتي بمبار به مليا آهن جڏهن ته گرفتار خوارج ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا. هي سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بنائڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا هئا.

آءِ ايس پي آر موجب 17 آڪٽوبر تي زوب ۾ سيڪيورٽي فورسز هڪ ٻئي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 2 خوارج مارجي ويا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪليئرنس جي دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، سيڪيورٽي فورسز شهرين کي دهشتگردي کان بچائڻ جي لاءِ پنهنجي ارادن تي قائم آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں