78

کپرو ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 7 ڄڻا بيمار، اسپتال ڀيڙا

کپرو (رپورٽر) کپري ۾ گيسٽرو مرض تي ضابطو نه اچي سگهيو، عورتن مردن ۽ ٻارن سميت اڄ وري 7 مريض تعلقه اسپتال پهتا، گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن کي ٽرامه سينٽر ۾ داخل ڪري ڇڏيو، گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن جو انگ وڌي 29 ٿي ويو آهي، جڏهن ته گيسٽرو ۾ مبتلا مريضن ۾ 6 ورهين جو رميش ڪمار، 4 ورهين جو عرس، 17 ورهين جو اظھر، 2 ورهين جو عبدالهادي، 26 ورهين جو ٽيڪم، 16 ورهين جي رتني ٻائي،40 ورهين جي مومل شامل آھي. جن جو تعلقه اسپتال ۾ علاج جاري آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں