26

آئيني ترميم جي منظوري: بلاول ڀٽو جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات

اسلام آباد: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم جي منظوري جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون ڪيون آهن.

رپورٽ موجب بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پ پ جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آئيني ترميمي مسودي جي منظوري جي حُالي سان ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ، شيري رحمان، نويد قمر ۽ مرتضيٰ وهاب به شامل هئا.

وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو جتي بي اين پي جي سربراهه اختر مينگل ان جو استقبال ڪيو. هو اڄ صبح ئي مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي پهتو هو.

بلاول ڀٽو زرداري جي مولانا فضل الرحمان وٽ پهچڻ کان ڪجهه دير اڳ ئي پي ٽي آءِ وفد به مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ آئيني ترميم تي ڳالهيون ڪيون هيون.

ياد رهي ته بلاول ڀٽو گذريل ڏينهن به مولانا فضل الرحمان سان 2 ملاقاتون ڪيون هيون. پهرين ملاقات وقت  پي ٽي آءِ جو وفد پهريان ئي موجود هو جنهن تي بلاول ڀٽو زرداري ٻاهر ترسي فضل الرحمان جو انتظار ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں