26

آئيني ترميم حڪومتي ڄار آهي، تڪڙ مان لڳي رهيو آهي ته هي هاڻ عدالتن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا: حافظ نعيم الرحمان

لاهور: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آئيني ترميم حڪومتي ڄار آهي جنهن ۾ ڪنهن کي به نه ڦاسڻ گهرجي. حڪومت طرفان ڪيل تڪڙ ۾ لڳي رهيو آهي ته هي هاڻ عدالتن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آئيني عدالت ۽ عدالتي اصلاحات جيڪڏهن ايتري ئي ضروري آهي ته 25 آڪٽوبر کان پوءِ آندي وڃي، حڪومتي تڪڙ مان ته ائين لڳي رهيو آهي ته هي هاڻ عدالتن تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي جماعت اسلامي جي امير چيو ته آئيني ترميمي مسودي تي جي يو آءِ ۽ تحريڪ انصاف حڪومت سان  ڇو ڳالهيون ڪري رهي آهي؟ ٻنهي سياسي پارٽين کي انهي مسودي کي مڪمل طور تي رد ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته پارليامينٽ ۾ خريد ۽ وڪرو  هڪ عمل بڻجي چڪو آهي، هر ترميم جي معاملي تي اهو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، پارٽيون انهن سڀني جي پٺيان لڪي وينديون آهن، هي جيڪو ڪم ڪري رهيا آهن انهي جو چٽو نالو ورتو وڃي ۽ سپريم ڪورٽ ۾ معاملي کي آندو وڃي.  

هن چيو ته پاڪستاني قوم هاڻ پارٽين طرفان ڪيل ڳالهين تي يقين نه ڪندي، نئين چيف جسٽس جي مقرري ٿيڻ گهرجي، ايتري وڏي پارليامينٽ جا ماڻهو دٻاءُ جو شڪار آهن ته پوءِ آئيني عدالت وارا 3 کان 4 ماڻهو ڇا ڪندا، ججز کي سينارٽي جي بنياد تي ئي مقرر ڪرڻ گهرجي، عدالتن ۾ اضاف نه پيو ملي، عوام جو هاڻ عدالتن تي ڀروسو نه رهيو آهي.

حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪوڙيون خبرون پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي، سوال اهو آهي ته ماڻهو ڪوڙين خبرن جي پٺيان ڇو هلي رهيا آهن. فيبروري جي چونڊن ۾ صرف نوازشريف کي 70 هزار کان وڌيڪ جعلي ووٽ وڌا ويا، 16 کان 17 سيٽن کان علاوه(ن) ليگ کي پوري ملڪ ۾ سيٽون نه مليون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں