26

صدر آصف علي زرداري 26هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي، گزٽ نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:  صدر آصف علي زرداري 26هين آئيني ترميم تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم شهباز شريف 26هين آئيني ترميم جي پارليامينٽ مان منظوري کان پوءِ توثيق لاءِ صدر آصف علي زرداري ڏانهن ايڊوائس اماڻي هئي.

پارليامينٽ مان ترميم منظور ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم آئيني ترميم جي توثيق لاءِ صدر پاڪستان ڏانهن اماڻيل ايڊوائس تي صحيح ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري جي صحيح کان پوءِ 26هين آئيني ترميم باضابطه طور تي آئين جو حصو بڻجي وئي.

صدر آصف علي زرداري جي منظوري کان پوءِ 26هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفڪيشن قومي اسيمبلي طرفان جاري ڪيو ويو جنهن کان پوءِ 26هين آئيني ترميمي بل 2024 ايڪٽ آف پارليامينٽ بڻجي ويو. گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ 26هين آئيني ترميم لاڳو ٿي وئي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں