20

26هين آئيني ترميم: جسٽس منصور ۽ جسٽس عائشه جا دلچسپ ريمارڪس

اسلام آباد: سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيندڙ 26هين آئيني ترميم بابت جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ  دلچسپ ريمارڪس ڏنا آهن.

موسمياتي تبديلي اٿارٽي جي قيام بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه جو ايڊيشنل اٽارني جنرل سان دلچسپ جهملن جي ڏي وٺ ٿي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا موسمياتي تبديلي جي چيئرمين جو نوٽيفڪيشن جار ي ٿي چڪو آهي؟ جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اڃان تائين نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو آهي.

جسٽس منصور سوال ڪيو ته اٽارني جنرل ڪٿي آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اٽارني جنرل گذريل رات مصروف رهيو انهي لاءِ اڄ نه اچي سگهيو، جسٽس منصور علي شاهه کلندي چيو ته هاڻ ته سموريون مصروفيتون ختم ٿي چڪيون هونديون، ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل پيش ٿئي، عدالت  ڪيس جي ٻڌڻي 2 هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

مسابقتي ڪميشن بابت هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل تي ٻڌڻي دوران جسٽس منصور علي شاهه آئيني بينچ جو ذڪر ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائيندي سوال ڪيو ته ڇا هي ڪيس هاڻ آئيني بينچ ۾ ويندو يا اسان به ٻڌي سگهون ٿا؟ هاڻ لڳي ٿو ته اهو سوال سپريم ڪورٽ ۾ روزاني اٿندو ته ڪيس عام بينچ ٻڌندو يا آئيني بينچ ٻڌندو.

وڪيل فروغ نسيم چيو ته سياسي ڪيسز هاڻ آئيني ڪيسز بڻجي چڪا آهن جنهن تي جسٽس عائشه ملڪ کلندي ريمارڪس ڏنا ته  ٺيڪ آهي! هاڻ اوهان ڄاڻو ۽ اوهان جي آئيني بينچ ڄاڻي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا ته ٽن هفتن تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري رهيا آهيون تيستائين صورتحال به چٽي ٿي ويندي هونئن به اسان کي پاڻ اهو سڀ ڪجهه سمجهڻ ۾ وقت لڳندو. جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته نئين ترميم پڙهي وٺون، آرٽيڪل 199 وارو ڪيس  هتي نٿا ٻڌي سگهون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں