26

آئيني ترميم پوري عدالتي نظام تي حملو آهي، اهو پاڪستاني آئين ۽ عدليه لاءِ ڪارو ڏينهن آهي: بيرسٽر گوهر

اسلام آباد:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم پوري عدالتي نظام تي حملو آهي ۽ اهو پاڪستاني آئين ۽ عدليه لاءِ ڪارو ڏينهن آهي

سينيٽ کان پوءِ 26هين آئيني ترميم جي قومي اسيمبلي مان منظوري لاءِ گهرايل  اجلاس کي خطاب ڪندي بيرسٽر  گوهر چيو ته آئيني ترميم کان پوءِ عدالتن کي محڪوم بنايو ويندو. پي ٽي آءِ چيئرمين حڪومتي بينچن طرف اشارو ڪندي چيو ته هنن ايتري تنقيد مودي تي ناهي ڪئي جيتري اڄ عدليه تي ڪئي آهي، هن چيو ته نوازشريف شعر پڙهي آزاد عدليه جي توهين ڪئي آهي اسان انهي جي مذمت ڪريون ٿا.

بيرسٽر گوهر چيو ته ميموگيٽ ڪميشن ڪنهن ٺاهيو هو؟ نوازشريف ڪارو ڪوٽ ۽ ٽائي پائي عدالت ۾ آيو هو. هن چيو ته ايوان انهي وقت تائين ترميم نٿو ڪري سگهي جيستائين ريزرو سيٽون پوريون نه ٿين. انهي کان اڳ پي ٽي آءِ اڳوان ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب به قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪيو.

پنهنجي خطاب ۾ عمر ايوب چيو ته ترميم 31 آڪٽوبر تي منظور ٿئي ها ته ڪهڙو طوفان اچي ها، هي آئيني ترميم پاڪستاني عوام جي نمائندگي نٿي ڪري، آئيني ترميم آزاد عدليه جو گلو دٻائڻ جو عمل آهي.

هن چيو ته جن ماڻهن جو ٿورو ادا ڪيو پئي ويو اتي نامعلوم ماڻهن کي به شامل ڪريو ها، انهي ساري عمل ۾ اسان جي ميمبرن کي يرغمال بنايو ويو. چوڌري الياس، عثمان علي کي اغوا ڪري اڄ هتي آندو ويو. مبارڪ زيب جو ڀاءُ پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو، انهي کي غائب ڪري اڄ ظاهر ڪيو ويو. ظهور قريشي کي غائب ڪري اڄ هتي پيش ڪيو ويو، اونگزيب کهچي کي زبردستي غائب ڪرايو ويو. عمر ايوب چيو ته اسان جا ميمبر جيڪي حڪومتي بينچز تي ويٺل آهن انهن  کي اسان جي صفن ۾ شامل ٿيڻ جو چيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں