87

مورو مان پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگري انمول منگي جو پتو نه پيو، وارث پريشان

مورو (رپورٽر) مورو شھر جي گلشن مختيار ڪالوني مان ٻه ڏينھن اڳ گھر اڳيان بيٺل چئن سالن جي معصوم نينگري انمول منگي ڌيءُ نواب علي منگي پراسرار نموني گم ٿي وئي آھي ٻه ڏينھن گذرڻ باجود سندس پتو نه پئجي سگھيو، معصوم نينگري جي نه ملڻ ڪري سندس ڏاڏي صدمي ۾ فوت ٿي وئي آھي، جنھن ڪري گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آھي، ان موقعي تي نينگري جي پيءِ نواب علي منگي ٻڌايو ته ٻه ڏينھن اڳ منھنجي معصوم نياڻي گھر کان ٻاھر نڪري دڪان تان شيءِ وٺي واپس گھر اچي رھي ھئي ته پراسرار نموني گم ٿي وئي آھي اھڙي رپورٽ مورو ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي، پر ھن محل تائين منھنجي نياڻي ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگھيو آھي. ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں